ڳَري جي سنڌي معنيٰ
وٽ، ڀَر، پاسي ۾. گهر ۾. جهوليءَ ۾، هنج ۾. (فعل) ڳرهي، ڪري، اوري، بيان ڪري. وِنجُهلي، رجي، وگهري، هئڄي، پاڻي ٿئي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Beside, at, behind, in the
ڳَري جا بيتن ۾ حوالا
گِلا ڪا مَ ڪَري، مُنھِنجِي شَھَرَ ڀَنڀورَ ۾،
جَنھِن وَڻَ ھيٺان ھَلِئا، سَڄَڻَ سانگُ ڪَري،
لامُون تَنھِين وَڻَ سَندِيُون، لوڏِيان لايان ڳَري،
جَو سِينگارُ سَرَتِيين، سو مُون ناھِ ڳَري،
جِھَڙِي تِھَڙِي حالَ سين، وَڃان پيرَ ڀَري،
قَضا جَا ڪَرِيمَ جِي، ڪَنھِن کي ڪِينَ ٽَري،
جيڪِي لِکئو لوحَ قَلَمَ ۾، پارِيان سو پَري.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 1 ]

ڪاتِي جَنِ ڳَري، مانۡ لَنئُن لَڳو تَنِ سين،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، وَڃان پيرَ ڀَري،
اَڏِيءَ سِرُ ڌَري، مانَ ڪُھنِھُون سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 16 ]

جٖي اُھَرِئَمِ اَڄُ، سي ڪَڏِھِين اِيندا مان ڳَري،
پِريان جِي ھُنَ پارَ ڏي، وَڃِي دَؤُنڪِي ڌَڄُ،
سامُونڊِيءَ ڪو ڏَنجُهہ، ماءُ مارِيندُمِ ڪَڏِھِين.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 16 ]

وِئَڙا ڪالُ ڪري، ٻارھين ماھِ نَہ موٽِئا،
لَڳي تَنِ ڳَري، ڪِھَڙِيُون ھَنجُون ھارِيان.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 2 ]

تان ڪِي لَئِجِ ڪانگَ، ڪَڏِھِين اِيندا مان ڳَري،
سيڻين ڪارَڻِ سانگَ، مُون تان گَهڻائِي ڪِئا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 9 ]

وَڻِجارَنِ وَرِي، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا،
اولِيُون پَسِي اُنِ جُون، پِيَمِ ڳَچَ ڳَري،
ويندِيَسِ ماءُ مَرِي، ساري سامُونڊِيَنِ کي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 21 ]

مُون اُڀي تَڙَ پاسِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا،
ٿِئا سَڻاوا، سِيرَ تي، دَمِ دَمِ دُعا ڪَندِياسِ،
آھَ نَہ لاھِيندِياسِ، موٽِي ايندا مان ڳَري.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 8 ]

سانڀارا سيئِي، تَنُ جَنِي جو طالِبُو،
مَنُ پِريان نيئِي پَڳَهِيو پاڻَ ڳَري.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 15 ]

لَيا ڏِٺَمِ لارَ، سانڀارا ساھَڙَ جا،
ھِنيُون ھِتِ نَہ وِندُري، ڌَراڙَنِئون ڌارَ،
مُنھِنجو مَنُ ميھارَ، پَڳَهِيو پاڻَ ڳَري.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 16 ]

گهَڻو گهُرِجَنِ ماءِ، اَڄُ گهُرجَنِ ماءِ،
سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن،
اُوچِيءَ ماڙِيءَ ڏِيو ٻَري، ٻاھَرِ ڦُڙِيءَ ٺَڪاءُ،
آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ کي، لوڪان لِڪِي رانِئن،
ڪُونجَ ڪُڻِڪي مورُ جُڻڪي، پَپيھَلَ پِيَ پِيَ ڳاءِ،
سَڄَڻُ آيو مان ڳَري، جِيئَڻُ مُون جُڳاءِ،
ڪيرَ موھِيندي وَلَهو، ڏيئِي ٻانھَن ڳَرا،
ٽِمَنِ نيڻَ رَتُ وَھي، سَوِزَ ھَٿَ سَنداءِ،
اُڀِي اَلِيمِ ايتِرو، ھِتِ ٻَہ شاھِدَ گُذِرِئا.
[ سُر سارنگ، وايون، 3 ]